دهوار تاجڪ

دهوار (تاجڪ: ذات): هن ذات وارا ايراني نسل جا بروهي آهن، جيڪي هڪ صدي اڳ لڏي اچي بلوچستان ۾ آباد ٿيا ۽ انهن مان ڪافي لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا. سندن خاص پاڙا هيٺيان آهن:
ابڙا، الجازئي، اناريزئي، خواجه خيل، داريزئي، ڊونب، ڍاڍرزئي، زرخيل، سارنگزئي، سياهه ياد، شيخ، قاضي خيل، گوارازئي، منگوزئي، نُجارزئي، هوتي زئي، هولائي. هن وقت انهن مان زرخيل پاڻ کي پٺاڻ ۽ سياه پاد (شهپات) رند سڏائين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو